عبدالرزاق کهڙو

عبدالرزاق کهڙو: مشهور اداڪار عبدالرزاق کهڙو، 5 جنوري 1951ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم بي. اي آهي. کيس ننڍپڻ کان ئي اداڪاريءَ ۾ دلچسپي هئي. هن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊرامو ‘نيڪ پروين’ هو، جنهن ۾ هن ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪيو. هن ڊرامي ڏسندڙن ۾ بيحد مقبوليت ماڻي. عبدالرزاق ڪيترن ئي اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي. سندس ڪيترائي ڊراما مختلف ٽي. وي چئنلن تان نشر ٿي چڪا آهن. سندس ڪي. ٽي. اين جي ڊراما سيريل ‘هر شخص ڪهاڻي آ’، ‘ڪم پئي ته ڪل پوي’ ۽ لانگ پلي ڊرامن ۾ ‘پريم نگر پلازه’، ‘اڊڙيل کي ٽوپو’، ‘مٽيءَ جي مورتي’؛ سيريز ڊرامن ۾ ‘موڙهي مت وغيره قابل ذڪر آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.01.05  عيسوي

عبدالرزاق کهڙو، 5 جنوري 1951ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جاني خان گبول
سُهندي برهمڻ
عبدالخالق راز سومرو ڊاڪٽر
گل ڇڳاڻي
الڪندي
خليفو ميو فقير
ڪيف غزنوي
ارباب انور
ڊنشا دستور
باقر سنائي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون